SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Nuclear Proliferation

(click word to listen sound
  • 🔊
  • njuːkliər
  • prəlifəreiʃən
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Nuclear Proliferation

نيوڪليئر پروليفريشن

ائٽمي مواد يا سامان جو ڦهلاءُ

پهرين عالمي جنگ کان پوءِ آمريڪا، برطانيا،سوويت يونين،جرمني ۽ جاپان ائٽمي هٿيار ٺاهڻ لاءِ تجربا شروع ڪيا. سڀني کان اڳ آمريڪا (1945ع ۾) ائٽمي بم جوڙيو ۽ آگسٽ 1945ع ۾ ان کي جاپان مٿان اڇلايو. اڳتي هلي سوويت يونين(1949ع)، برطانيا (1952ع)، فرانس (1960ع)، چين (1964ع) ڀارت (1974ع )، پاڪستان (1998ع) ائٽمي ڌماڪا ڪيا . جڏهن ته اڳتي هلي اُتر ڪوريا (2006ع ۾) به ائٽمي تجربو ڪيو ، البت جرمني ۽ جاپان اهڙي ڊوڙ کان پري ٿي ويا. ان هوندي به ڪن قومن ڳجهه ڳوهه ۾ ته ڪن چور بازاريءَ ذريعي ائٽمي هٿيار جوڙڻ يا اها ٽيڪناجي حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ جاري رکي. ان سلسلي ۾ ’ائٽمي هٿيارن جي ڦهلاءَ کي روڪڻ واري 1968ع ۾ ٿيل معاهدي‘(NPT) جي ڀڃڪڙي ڪندي ائٽمي مواد،سامان،اوزار،بم ۽ معلومات ائٽمي هٿيار نه رکندڙرياستن/ڌرين تائين پهچائڻ جي عمل کي هن اصطلاح سان سڃاتو وڃي ٿو. ائٽمي صلاحيت رکندڙ يا نه رکندڙ قومن جي اڪثريت جو خيال آهي ته نيوڪليائي هٿيارن/ سامان جي ڦهلجڻ سان عالمي امن کي خطرو ۽ بين الاقوامي لاڳاپن ۾ بگاڙ ايندو. ان ڪري دنيا جي اڪثر فورمن تي ائٽمي ڦهلاءَ جي ڪوششن تي ضابطي آڻڻ جي حمايت ٿيندي رهي آهي.


Remember Me Also:

بيت العتيق

ذ. [ع. بيت + عتيق = ڪَهنو] قديم گهر ، ڪعبة الله جو حضرت آدم جي وقت کان وٺي عبادتگاه هو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal